اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ت?? ريڊيو پاڪستان رياست جو اهم حص?? آهي، موجوده حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ريا??تي ميڊيا کي پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي خطاب ڪري رهي هئي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڳوڻن ??ور?? ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ به سياسي بنيادن تي ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون ويون.