اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علم ۽ جديد مهارتن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ اخلاقي قدرن ۽ همدرديءَ جي جذبن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي مسئلن مان ??ڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ کي جديد مهارتن سان لي?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس وغيره جهڙن شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏ??و وڃي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي علم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ديانتداري، اخلاقيات ۽ قدر اختيار ڪندي پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور طبقن جي خدمت ۽ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪن. صدر چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ مالي بحران مان ??ڍڻ جي لاءِ ملڪي قيادت کي وقت سر ۽ تيز فيصلا ڪرڻا پوندا. جڏهن ته ملڪ ک?? تيز رفتار ترقي جي رست?? تي وجهڻ جي لاءِ ديانتدار قيادت لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرائمري سطح تي داخلائن جي شرح رڳو 68 سيڪڙو آهي جڏهن ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ اها شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ اسڪول نه و??ند?? ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي.