راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ??رس??س جي موقعي تي مسيحي برادريءَ کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ قومي ترقيءَ ۾ مسيحي برادريءَ سميت اقليتن جون خدمتون قوم لاءِ فخر ۽ طاقت جو ذريعو آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق آرمي چيف سينٽ جوزف ڪيٿولڪ ڪيٿ??ڊر?? چرچ راولپ??ڊي??َ ۾ ??رس??س جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جتي آمد تي شرڪت ڪندڙن طرفان سندس شاندار آجيان ۽ ان پُرمسرت موقعي تي سندس موجودگي ۽ يڪجهتيءَ تي سندس شڪريو ادا ڪيو ويو. آرمي چيف ان موقعي تي سڄي ملڪ جي مسيحي برادريءَ کي ??رس??س جي مبارڪ ڏيندي ان ڳالهه تي زو?? ڀريو ته ??رس??س همدردي، خيرسگالي جي آفاقي قدرن جي انهن اصولن جي گهري ياد ڏياري ٿي جيڪا اسان جي معاشري کي هڪٻئي سان ڳنڍي ٿو.