ڪراچي-03 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اسلامي مالياتي نظام دنيا ۾ مضبوط، اخلاقي ۽ جٽا??ار ماڊل طور تي اُڀري رهيو آهي، اهو نواڻ ۽ گڏيل سهڪار ذر??عي مستقبل لاءِ اهم ڪر??ار ادا ڪندو. اهڙو اظهار هن ورلڊ اسلامڪ فنانس فورم 2024ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو بندوبست ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي انتظام هيٺ ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته اسلامي ماليات شريعت جي اصولن ??ي ٻَڌل هڪ منصفاڻو نظام آهي، مضاربه ذر??عي فنانسنگ وياج جي خاتمي جي راهه هموار ڪري ٿي، اسلامي ماليات 2027ع تائين وڌي 6.67 ٽريلين ڊالر ٿيڻ جي اميد آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ان نظام جو بنيادي نظام بنيادي اصولن ??ي آهي جيڪي ايمان، زندگي، عقل، نسل ۽ دولت جي تحفظ کي يقيني بڻائين ٿا، اسلامي مالياتي نظام معاشي سرگرمين کي حقيقي اثاثن سان جوڙي ٿو، زڪوات ۽ وقف جهڙا اصول غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته گرين فنانس ماحولياتي مسئلن ??ي حل ۾ اسلامي ماليات جي ڪر??ار کي وڌائي رهيو آهي، پاڪستان ۾ گرين فنانسنگ جا وسيع موقعا موجود آهن. سندس چون هو ته حڪومت جو مقصد 2030ع تائين توانائيءَ جو 60 سيڪڙو حصو تجديد جوڳي ذر??عن مان حاصل ڪرڻ آهي، اسلامي ماليات نواڻ ۽ گڏيل سهڪار ذر??عي مستقبل لاءِ هڪ اهم ڪر??ار ادا ڪندو.