رياض – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي سعودي عرب جي دو??ي تي رياض پهچي ويو. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز وز??راعظم جو ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جو سعودي عرب ۾ سفير احمد فاروق، پاڪستان ۽ سعودي اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ ۽ وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ ساڻس گڏ آهن. وز??راعظم سعودي عرب، فرانس، قزاخستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب پڻ ڪندو.