اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف هر مشڪل ۾ پ??ڪس??ان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ سعودي عر?? اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدا??عز??ز الدائود وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي نائب گهرو وزير جي آجيان ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدا??عز??ز آل سعود ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم هر مشڪل وقت ۾ پ??ڪس??ان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم پ??ڪس??ان ۾ 2.8 ارب آمريڪي ڊالر جي سعودي سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي عرب ۽ پ??ڪس??ان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رياض ۾ ٿيندڙ تازي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو ۽ فلسطين ۾ اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي قدمن جي خلاف ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي جي لاءِ گڏيل طور تي مسلمان امت کي متحد ڪرڻ جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ۽ سندس وفد جو دورو انهن حساس شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان کي پ??ڪس??ان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پ??ڪس??اني عوام سندس شاندار استقبال جي منظر آهي.