اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وفاقي گه??و وزير محسن نقوي بابا گرونانڪ ديوجي جي جنم ڏڻ تي سک برادريءَ کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته بابا گرونانڪ انسانيت سان پيار، مساوات ۽ همدرديءَ جو پيغام عام ڪيو، بابا گرونانڪ مذهبي رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جو بهترين مثال هو. ڪالهه پنهنج?? بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته بابا گرونانڪ جي جنم ڏڻ ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين کي ڀليڪار چئون ٿا. وفاقي وزير چيو ته برطانيه، آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جا پاسپورٽ رکندڙ سک برادريءَ لاءِ آن لائ?? فري ويزا جي سهولت ڏني وئي آهي، پوري ڪوشش آهي ته سک برادري لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. وفاقي گه??و وزير واضح ڪيو ته آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ لاءِ به سک برادري لاءِ خاص ڪوٽا رکي وئي آهي. هن چيو ته سک برادريءَ کي مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ هر طرح جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. گه??و وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ سمورن اقليتن جي حقن جو تحفظ اسان جو فرض آهي.