اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ايران جي پ??ڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جي تازي پ??ڪستان جي دوري ۾ ٻنهي ڌرين باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ، واپار، توانائي ۽ سلامتي تي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ ۽ سرحدي انتظام ۽ عوام سا?? عوام جي رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ايران جي پ??ڏيهي وزير 4 کان 5 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، پنه??جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران هن وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سا?? ملاقاتون ڪيون. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 آڪٽوبر تي ايران تي اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪئي ۽ ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سا??ميت جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڌرين وچ اوڀر جي صورتحال ۽ غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ فوجري جنگبندي، بنا روڪ انساني امداد ۽ فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.