اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪور?? جي جسٽس يحييٰ آفريدي چيف جسٽس آف پاڪستان ج?? عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر ۾ حلف برداري جي تقريب ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز ش??يف?? سروسز چيفس، ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، گورنرز، وڏن وزيرن، وزيرن، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججز، اڳوڻ?? چيف جسٽسز، لاء آفيسرن، وڪيل تنظيمن ج?? عهديدارن، وڪيلن ۽ ميڊيا نمائندن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته جسٽس يحييٰ آفريدي کي هڪ خصوصي پارلياماني ڪميٽي آئين جي نئين منظور ٿيل 26هين ترميم تحت سپريم ڪور?? جي ٽن سينئر ترين ججن مان ايندڙ چيف جسٽس جي طور تي نامزد ڪيو هو ۽ ان حوالي سان هڪ سمري وزيراعظم صدر ڏانهن موڪلي هئي. بعد ۾ جسٽس يحييٰ آفريدي جي بطور 30هي?? چيف جسٽس مقرري جي منظوري ڏني وئي.