اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا??ُ الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي ??ربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي ??رارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سميت اڳوڻن اسپيڪرن جن علائقائي تعاون جي ??روغ جي ??اءِ ??نه??جو ڪردار ادا ڪيو، کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هي ايوان ايس سي او جي ??دفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ پاڪستان حڪومت پاران مڪمل حمايت جي عزم جي اظهار کي ساراهي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان سمجهي ٿو ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جهڙو ڪو وڏو ايونٽ ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ??يزباني پاڪستان جي ??اءِ اهم سنگ ميل آهي، هي ايوان حڪومت کي سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابين تي ??راج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي ايوان سمجهي ٿو ته ايس سي او سربراهه اجلاس سان پاڪستان جو مثبت تشخص اڀريو آهي. ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد سان پاڪستان کي علائقائي واپار ۾ مدد ۽ امن ۽ استحڪام کي فروغ ملندو. هي ايوان شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سلامتي ??ي مسئلن تي ??هم ڪردار کي تسليم ڪري ٿو. هي ايوان سمجهي ٿو ته پاڪستان خطي جو اهم ۽ متحرڪ ملڪ آهي، خطي جي اهم علائقائي ۽ سلامتي ??ي مسئلن تي ??يس سي او ڪانفرنس ۾ پاڪستان جو مضبوط موقف پاڪستاني قوم جي ترجماني آهي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان پاڪستان حڪومت، پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سمٽ جي ڪامياب انعقاد جي ??اءِ اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ايس سي او ڪانفرنس جي ??وقعي تي وفاقي گادي واري شهر کي خوبصورتي ??ان سجائڻ، مهمانن جي آجيان ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ??قار کي بلند ڪرڻ جي ??اءِ سمورن حڪومتي ??دارن جي خدمتن کي ساراهي ٿو. هي ايوان ايس سي او سمٽ ۾ مهمانن جي ??اڪستان اچڻ کان وٺي انهن جي رخصتي ??ائين جن ادارن ۽ آفيشلز ??نه??جا فرض سرانجام ڏنا، انهن سڀني کي پوري قوم پاران خراج تحسين پيش ڪري ٿو.