دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي ??مير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان گڏ قطر ميوزيم ۾ منظر آرٽ گيلري جو دورو ڪيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گيلري جو قيام ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي ??ڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي ??مير اعليٰ سطحي وفدن ۽ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ هڪ ئي گاڏي ۾ ديوان امير کان قطر ميوزيم تائين جو سفر طئ?? ڪيو. قطر جي ??مير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڻ پاڪستاني فن پارن جي نمائش ”منظر“ جو دورو ڪرايو، ٻنهي ملڪن جي ??ڳواڻن جي وچ ۾ غيرروايتي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي، قطر جي ??مير ۽ سندس ڀيڻ ۽ قطر ميوزيم جي چيئرپرسن شيخه المياسه بنت حمد بن خليفه الثاني غيررسمي ۽ پنهنجائپ واري ماحول ۾ وزيراعظم کي نمائش ۾ موجود فن پارا ڏيکاريا ۽ نمائ?? جي منتظمين ۽ پاڪستاني فنڪارن سان تعارف ڪرايو. وزيراعظم قطر جي ??مير ۽ سندس ڀيڻ جو منظر آرٽ گيلري جي ??نعقاد ۽ پاڪستاني فنڪارن جي پذيرائي تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان نمائش جو انعقاد پوري پاڪستاني قوم جي لاءِ فخر جوڳو آهي، قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گيلري جو قيام قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي ??ڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم دوري ۾ ناليواري پاڪستاني معمار نيئر علي دادا، پاڪستاني مصورن، فوٽوگرافر، خطاط ۽ ٻين فنڪارن سان ملاقات ڪئي. نمائش ۾ 1940ع کان وٺي هيستائين جي پاڪستاني مصوري، فوٽوگرافي، مجسما ۽ ٻيا فن پارا شامل آهن. نمائش ۾ شاڪر علي، صادقين، گ?? جي، زبيده آغا، ڪامل خان ممتاز، نيئر علي دادا ۽ ڪيترن ئي پاڪستاني فنڪارن جي فن پارن جي نمائش ڪئي وئي.