ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪس??ان پيپلز پار??ي جي چي??رم??ن بلاول ڀٽو زرداري ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل جي بيان موجب پ پ چي??رم??ن، وڏي وزير کي امن امان قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جا جوڳا قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي ۾ فوتين جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين لاءِ جل?? صحتيابيءَ جي دُعا ڪئي. هن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو.