اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وزارت سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس سيد منصور علي شاهه کي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. وزارت مان جاري بي??ن موجب سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن ڪوڙ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ صدر مملڪت طرفان سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج سيد منصور علي شاهه کي 26 آڪٽوبر کان چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ??يو آهي. بي??ن موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت اهڙي قسم جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو.