پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت ه??ٺ اهم مشاورتي ??جلاس ڪالهه خميس ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ امن قائم ڪر?? لاءِ هر ممڪن ڪ??دار ادا ڪر?? جو گڏيل فيصلو ٿيو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب خميس ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پشاور جي دوري دوران گورنر هائوس ويو جتي ??هم مشاورتي ??جلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير امير مقام، اي اين پي جو صدر ايمل ولي خان، ميان افتخار، قومي وطن پارٽي جي سڪندر حيات شيرپائو سميت ٻي سياسي قيادت شريڪ ٿي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ امن قائم ڪر?? جي حوالي سان مشاورت ٿي. اجلاس ۾ آءِ جي، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا ۽ ڪانڊنٽ ايف سي به شرڪت ڪئي.