اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف نوابشاهه جي ريلوي اسٽيشن ويجهو ريلوي ڦاٽڪ تي پنهنج?? سِر جي بازي لڳائي شاليمار ايڪسپريس کي وڏي حادثي کان بچائيندڙ گيٽ ڪيپر مدد علي جمالي کي خراج تحسي?? پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مدد علي پنهنجي زندگيءَ جي پرواهه نه ڪندي سوين ماڻهن جون زندگيون بچايون، مدد علي پنهنجي ذميوارين کي سچي نيت سان نڀايو. هن چيو ته اسان سڀني کي مدد علي جمالي جي بي ??وث ج??بي مان سکڻ جي ضرورت آهي، پوري قوم کي توهان تي فخر آهي.