اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۾ ڪالهه سومر ڏينهن هڪ ٻئي بس حادثي ۾ پاڪستاني زائ??ين جي شهيد ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل ??ي دعا ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي مارجي ويلن جي پونئيرن سان مڪمل تعاون جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد کان جلد وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻڻ ج?? هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي زخمين جي سارسنڀال ۽ انهن کي بهت??ين طبي امداد فراهم ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي. واضح رهي ته ڪالهه سومر ڏينهن ايران ۾ پاڪستاني زائ??ين کي کڻي ويندڙ بس هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي زائ??ين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا. پاڪستاني زائ??ين اربعين ۾ شرڪت جي لاءِ ايران جي رستي عراق وڃي رهيا هئا ته انهن جي بس ايران جي صوبي فارس جي شهر نيريز ۽ صوبي ڪرمان جي علائقي سرجان جي وچ ۾ مرڪزي رستي تي هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي زائ??ين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا.