اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) ايرا?? جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ 28 پاڪستاني زائرين جون ميتون خ??وص?? جهاز ذريعي جيڪب آباد پ??چايون ويون جتي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ پرڏيهي آفيس جي رابطا آفيس ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل عرفان سومرو ميتون وصول ڪيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايران ۾ 20 آگسٽ تي ٿيندڙ ان بس حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ 16 پاڪستاني زائرين کي به انهي خ??وص?? جهاز ذريعي واپس آندو ويو آهي. وطن واپسي کان اڳ يزد ايئرپورٽ تي گورنر مهران فاطمي ۽ امام جمعه ميتن کي رو??نو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ايراني عملدارن جا ٿورائتا آهيون جو انهن پاڪستاني زائرين حادثي مت??ثرين کي ريسڪيو ڪيو ۽ انه?? جي وطن واپسي ۾ مڪمل معاونت ڪئي. هن حادثي ۾ فوت ٿيندڙ?? جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي.