اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مستونگ ۾ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ذ??يع?? ٽن دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، شرپسند ڌريون ملڪ ۾ امن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون، دهشتگردي ذ??يع?? ملڪ ۾ بدامني ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اسپيڪر پاڪ ??وج پاران ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي جي عزم کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪ ??وج جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عزم واکاڻ جوڳو آهي.