اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ مزار حضرت امام بري رحه ڪمپليڪس جي ترقي ۽ ان??ظام ۽ ان??رام ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. مئنيجمينٽ ڪميٽي حضرت بري امام رحه جي سالياني عرس جي ان??ظامن جو جائزو ورتو. 14 آگسٽ تي چادر پوشي جڏهن ته حضرت بري امام رحه جو ساليانو عرس 15 کان 17 آگسٽ تي ٿيند??. ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جي ان??هائي غيرمعمولي ان??ظامن جي هدايت ڪئي. هن ان??ظاميا ۽ سي ڊي اي کي زائرين کي شٽل سروس فراهم ڪرڻ ۽ زائرين جي سهولت جي ڏس ۾ ٿرڊ ايونيو کان متبادل روڊ جي تياري يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نائب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ سڄي دنيا مان عرس جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ زائرين کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت زائرين جي لاءِ مزار حضرت بري امام رحه ڪمپليڪس ۾ خصوصي ان??ظامن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهو ته تقريبن دوران زائرين کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گه??جي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر خادم درگاهه بري امام راجه سرفراز اڪرم، محسن رضا نقوي ۽ سهيل اقبال ڀٽي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، ڊپٽي ڪمشنر عرفان م??مڻ کانسواءِ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.