اسلام آباد – 07 ??? آ??سٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي ڦهلاءُ جي حوصلا شڪني جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ۽ معلومات جي تصديق جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا چيئرمين محمد سليم سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته ميڊيا معاشر?? ۾ ??واداري، اتحاد ۽ اخلاقي قدرن جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ صحافت جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکي. صدر چيو ته جديد مواصلاتي ٽيڪنا??اج?? جي ڪري نوان چئلينجز درپيش آهن، ميڊيا عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۾ ذميواراڻو ۽ تعميري ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته غلط معلومات ۽ پروپئگنڊه جي حوالي سان ضابطه اخلاق تي عمل ٿي?? گهرجي. صدر جديد ٽيڪنا??اج?? ۽ باصلاحيت انساني وسيلن سان پيمرا جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميڊيا ملڪ جو بهتر تشخص ۽ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن بابت شعور اجاگر ڪري. پيمرا چيئرمين صدر کي ميڊيا منظرنامي جي ريگيوليشن ۽ ترقي ۾ پيمرا جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پيمرا چيئرمين صدر کي پيمرا رپورٽ 23 – 2021ع پڻ پيش ڪئي. صدر ملاقات ۾ پيمرا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.