اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا ??نو??ر حسين چيو آهي ته فرٽيلائيز?? ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ماڊل سينٽرن جي شروعات ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل فرٽيلائيزر رويو ڪميٽي جي اجلاس کي ??طاب ڪندي ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جو مقصد ملڪ ۾ ڀاڻ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ اگهن جو جائزو وٺڻ هو. وفاقي وزير راڻا ??نو??ر حسين چيو ته هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ڀاڻ ڪمپنين طرفان هر ضلعي ۾ ماڊل سينٽر کوليا ويند?? ۽ ??اري اصل اگهه تي ڀاڻ خريد ڪري سگهندا. حڪومتي قدمن سان ايجنسين ۽ ڊيلرز جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته فوجي فرٽيلائيز?? ڪمپني گذريل ڪجهه هفتن دوران ماڊل سينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. اينگرو فرٽيلائيز?? ڪمپني ترجيحي بنيادن تي ماڊل سينٽر جي قيام جون تجويزون ڏي. هن وڌيڪ چيو ته ذخيرو ۽ اگهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي ??خت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آ??ي.