لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جهڙي ??ومي نوعيت جي ترقياتي م??صو??ن تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان مطابق انهن خيالن جو اظهار هن صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. چين جي سرڪاري اداري چائنا پبلڪ ڊپلوميسي ايسوسيئيشن جي دعوت تي چين جي سرڪاري دوري تان واپس آيل صحافين جي 7 رڪني وفد گذريل ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي هاڻوڪي چين جي دوري ۾ چيني قيادت ۽ چيني عوام طرفان مثالي مهمان نوازي تي انهن جو ٿورائتو آهيان، چين جي هاڻوڪي دوري کان پوءِ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي اڳڀرائي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۾ چين جي رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته چين جهڙي ??راڻي دوست سان ??اڳ??پن تي سياست جي ڪنهن به قسم جي گنجائش ناهي، سي پيڪ جي ٻي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد جاري آهي. هن چيو ته چيني ماهرن جي پاڪستان جي هاڻوڪي دوري ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. ملاقات ۾ سڌسماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ به موجود هو. صحافين جي وفد ۾ دنيا ني??ز جو سلمان غني، عامر مير، هم ني??ز جو شيراز حسن، روزنامه جنگ جو خضر حيات، ڊان ني??ز جو خالد حسنين، جيو ني??ز جو اعظم ملڪ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جو مطيع الرحمان شامل هئا. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي چين جي هاڻوڪي دوري دوران تجربن ۽ پاڪ چين ??اڳ??پن جي حوالي سان پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪيو. وفد پنهنجي چين جي دوري دوران ٿيل ملاقاتن جي بنياد تي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته چين پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻن ??اڳ??پن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي چيني قيادت ۽ چيني عوام جي پاڪستان حڪومت بابت ??اث??ن کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري خاص طور چين پاڪستان اقتصادي راهداري تي ڪم جي موجوده رفتار ۽ م??صو??ن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومتي قدمن تي اطمينان جو ??اث?? ڏٺو پيو وڃي. چيني عهديدارن شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم جي سڌارن وارن قدمن جي به تعريف ڪئي. وفد ۾ شامل ٿيندڙن ٻڌايو ته سندن هاڻوڪي دوري دوران چيني عهديدارن سان ملاقات ۾ چين پاڪستان معاشي شراڪتداري باري ۾ عام طور ۽ سي پيڪ تي خاص طور گرم جوشي جو ??اث?? مليو.