اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پاڪستان اسلامي جمهوريه اي??ان جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت ?? عوام پاران تعزيت جو اظهار ??يو آهي. پرڏيهي افيس پاران جاري تعزيتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گهري ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه اي??ان جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ??ريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسان جون دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اسلامي جمهوريه اي??ان جي عوام سان گڏ آهن ۽ سوڳ جي هن گهڙيءَ ۾ اسان پنهنجي اي??اني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ??ريون ٿا. بيان موجب صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان قابل احترام اڳواڻ هئا، انهن جي پاڪستان اي??ان لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، انهن اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جاري بيان ۾ چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان اي??ان سان دوستي ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ور??اءُ ڪري ٿو.