اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ??مايت جاري رکندو. سورهين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنه??جي خطاب ۾ صدر والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال جو خصوصي طور تي ??ڪر ڪيو. صدر پنه??جي خطاب ۾ چيو ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ ڪشميري مسلمانن کي پنه??جي ئي وطن ۾ اقليت ۾ بدلائڻ جي ڀارتي ??ڪمت عملي جو حصو آهي، پاڪستان ڀارت جي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري ٿو، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ کنيل سمورا غيرقانوني قدم واپس وٺي. صدر چيو ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ??مايت جاري رکندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار جو حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي. صدر پنه??جي خطاب ۾ فلسطين جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي بيگن??هه فلسطينين جي قتل، اسرائيلي فوج پاران وڏي پئماني تي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي ??هي، پاڪستان قابض اسرائيلي فوج جي کلي عام ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو.