اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻيل?? جي ايراضي وڌائڻ ۽ ٻيلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي صوبائي حڪومتن، سول سوسائٽي ۽ سمورن شهرين تي زور ڏنو آهي ??ه اهي حڪومت جي ”گرين پاڪستان“ مهم ۾ حصيدار بڻجن، اسان کي پنهنجي خوشحال سڀاڻي جي لاءِ اڄ وڻ لڳائڻا پوندا. ٻيل?? جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ به دنيا جي ٻين ملڪن وانگر ٻيلن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هلندڙ سال ان ڏينهن جو موضوع ”ٻيلا ۽ جدت: هڪ بهتر دنيا جي لاءِ نئون حل“ آهي جيڪو ٻيلن کي وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٽينيڪي اختراعات کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. جدت جي ذريعي ٻيلن کي بهتر طريقي سان محفوظ ۽ پائيدار بن??ادن تي برقرار رکيو ۽ ٻيل?? جي واڍي، ان ۾ قائم مساڪ?? جي تباهي ۽ ماحولياتي تبديلي جي خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? جي ڪل ايراضي جي 5 سيڪڙو کان به گهٽ تي ٻيلا آهن ۽ هر سال انهن ٻيل?? جي اٽڪل 1.5 سيڪڙو ايراضي گهٽ ٿي رهي آهي. ان جا پاڪستا?? جي حياتياتي واڌويجهه، ماحوليات ۽ زراعت تي گهرا اثر پئجي رهيا آهن. دنيا جي ماحوليات کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ هڪ ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي?? جي ڪري رونما ٿيندڙ واقعن ۾ اضافي ۽ پاڪستان جو ان کان بري طرح متاثر ٿيڻ ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ??ه اسان پنهنجي مقامي ٻيلن کي محفوظ بڻايون، اهو اسا?? جي بقاءَ جي لاءِ لازمي بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 2016ع ۾ پهريون ڀيرو ”گرين پاڪستان“ منصوبو شروع ڪيو جنهن جو مقصد ملڪ ۾ ٻيل?? جي ايراضي وڌائڻ هو، ان دوران حياتياتي واڌويجهه کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون ويون، هاڻي ا?? جي اڳئين مرحلي جي شروعات ڪري رهيا آهيون جنهن تحت ٻيل?? جي ايراضي کي وڌائن، جنگلي حياتيات جي ٺڪاڻن کي محفوظ بڻائڻ ۽ فضا ۾ ڪارب?? جي اخراج کي گهٽ ڪرڻ (ڪاربن سيڪوئسٽريشن) ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته ماحوليات ۾ ٻيل?? جي اهم ڪردار کي نظر ۾ رکندي اسان ٻيل?? جي تحفظ جو عزم ڪريون ٿا. هن پاڪستان ۾ ٻيل?? جي ايراضي وڌائڻ ۽ ٻيلن کي محفوظ بنائڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي يقين ڏياريو ته سڄي ملڪ ۾ ٻيل?? جي ماحولياتي نظام جو تحفظ ڪيو ويندو ڇو ??ه ان تي اسا?? جي ماحول جي بهتري ۽ اسا?? جي زندگي جو دارومدار آهي. وزيراعظم صوبائي حڪومتن، سول سوسائٽي ۽ سمورن شهرين تي زور ڏنو ??ه اهي ”گرين پاڪستان“ جي حڪومت جي مهم ۾ حصيدار بڻجن. هن چيو ??ه اڄ اسان کي پنهنجي مستقبل جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي آهي. هن قوم تي زور ڏنو ??ه اڄ اسان کي پنهنجي انمول وسيل?? جي تحفظ جي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون ۽ پنهنجي ايندڙ نسل?? جي لاءِ پنهنجي ذميواري کي موثر طريقي سان ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي خوشحال سڀاڻي جي لاءِ اڄ اسان کي وڻ لڳائڻا پوندا.