اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ٿيڻ کانپوءِ پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير چي?? ته نگران حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪ??ي آهي، ڪمشنر راولپنڊي جي معاملي تي اعليٰ جاچ ڪميٽي ٺهي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن به ان معاملي تي ڪ??رروائي ڪ??ي رهي آهي. هن چي?? ته اسان کي پنهنجي ادارن ۽ نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته قانوني عمل هلي رهيو آهي ته انتظار ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فا??ي وزير چي?? ته آئين ۽ قانون تحت جيئن ئي اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ڪندي، پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي.