اسلام آباد ??? 01 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، خاص طور تي واپار ۽ ماحولياتي قدمن جي خصوصي حوالي سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي جمهوريه مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ٽيليفون ڪئي. ٽيليفون جو مقصد ابوظهبي ۾ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن آن ڪلائميٽ چينج (ڪوپ – 28) جي ڌرين جي ڪانفرنس ج?? 28 ??ين اجلاس جي موقعي تي 2 ڊسمبر 2023ع تي ٿيندڙ سندن ملاقات دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ هو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپار ۽ ماحولياتي قدمن تي ڌيان ڏيندي گڏيل ??عاون کي وڌائڻ جا م??قعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وسي?? تر علائقائي تعاون جي ذريعي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.