اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته چي?? سان ڀرپور رابطن جي ذريعي سي پيڪ جي پهرين مرحلي جا ثمر حاصل ڪري ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ره??ا آهيون، بي آر آءِ جي پهرين مرحلي جا مقصد سي پيڪ جي صورت ۾ حاصل ڪري ورتا آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، چي?? سان حصيداري تي ٻڌل لاڳاپا قائم آهن، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو آهي، معاشي ترقي جي لاءِ خطي جي ملڪن سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ڊيووس جي دوري دوران چي?? جي نشرياتي اداري ”سي جي ٽي اين“ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ته صنعتي ميدان ۾ ترقي سان معاشي استحڪام ايندو. نگران ڪابينا جي معيشت جي بهتري جي لاءِ ترجيحن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اسان جي ايجنڊا تي اقتصادي بحالي سڀ کان پهرين آهي، ٽيڪنالاجي جي تبديلي بحث هيٺ آهي، ٻه وڏا عمل سڄي دنيا ۾ هر قسم جي اقتصادي سرگرمين کي متاثر ڪري ره??ا آهن، خاص طور تي اسان جي خطي ۾ مختلف تڪرارن ۽ فليش پوائنٽس جي حوالي سان خيال جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آهي جڏهن ته سپلائي چي?? ۽ مجموعي اقتصادي سرگرمين کي متاثر ڪرڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. نگران وزيراعظم چي?? ته پاڪستان دستياب موقعن مان بهترين فائدو کڻڻ جي حوالي سان ماحول کي ڏسندو آهي، اسان هن وقت درپيش چئلينجز ۽ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي مرحلي ۾ آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته ملڪي سطح تي جڏهن حڪومت جو ماپو ايترو وڏو نه آهي ته اسان کي خرچ گهٽ ۽ آمدني وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، مختصر حڪومت سدائين ڪاروبار، وڌيڪ آمدني حاصل ڪرڻ، سٺي ٽيڪسيشن نظام ۽ بنيادي ڍانچي جي سڌارن جي لاءِ سٺي هوندي آهي ۽ اهو هڪ اهڙو شعبو آهي جيڪو معاشي بحالي جي ملڪي اقتصادي ايجنڊا مان سڀ کان اولين هجڻ گهرجي. هن چي?? ته جنهن انداز ۾ چي??ي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ بي آر آءِ منصوبو هلي رهيو آهي، پاڪستان ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ان تي ڌيان ڏنو آهي. هن چي?? ته چي?? سان صنعتن جي ڏکڻ اوڀر ايشيائي، ڏکڻ ايشيائي، ڏکڻ آمريڪا ۽ دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ منتقلي ٿي رهي آهي، پاڪستان کي ان جو ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ فعال اقتصادي ??لڪ ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته مينوفيڪچرنگ جو شعبو پوري خطي جي لاءِ هڪ مرڪز بڻجي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان خطي ۾ صحيح پاليسيون آڻيون ٿا جنهن ۾ توانائي ۽ ان جي قيمت ۽ ان سان واڳيل ايڪو سسٽم شامل آهي، اسان کي ڇٽاڀيٽي واري انداز ۾ ڪاروبار ??ي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي، انهن کي بجلي جا مقابلي وارا اگهه فراهم نه ٿا ڪري سگهون، اسان کي ان شعبي ۾ پنهنجي پاليسي کي معقول بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ريٽ جي سطح تي آڻڻ جي ضرورت آهي جتي صنعت وڌيڪ چٽاڀيٽي واري بڻجي وڃي. هن چي?? ته اسان کي سستي افرادي ??وت ۽ صحيح مهارت دستياب آهي تنهن ڪري هڪ ڀيرو جڏهن اسان صحيح توانائي جي پاليسي متعارف ڪرائينداسين ته اسان ڪافي حد تائين ان پوزيشن ۾ هونداسين ته خطي ۾ مينوفيڪچرنگ جو مرڪز بڻجي وڃون. هن چي?? ته توانائي جي صحيح پاليسي اها آهي ته توهان جيڪو في يونٽ بجلي ڏيو ٿا اهو ڀارت، بنگلاديس، سريلنڪا سان مسابقت ۾ هجي ۽ اهو گهٽ ۾ گهٽ 8 سينٽ کان گهٽ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اسان خصوصي اقتصادي زونز تي ڌيان ڏئي ره??ا آهيون، اسان اهي سموريون پاليسيون آڻي ره??ا آهيون جتي سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ حڪومت پاران سهولت هجي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته ماحوليات جي حوالي سان پائيدار قدمن تحت ڪيترائي موقعا آهن، موسمياتي تبديلي ۽ ان جي عالمي ذميواري شفاف توانائي جي پيداوار ??يڪا آبادي جي بهترين استعمال جي لاءِ هجي، اهو هڪ اهڙو شعبو هوندو جتي جدت رکندڙ نئين ٽيڪنالاجيز اينديون ۽ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ٿيندي جنهن ۾ يقيني طور تي چي?? پنهنجي حصيدارن سان گڏجي اهڙي سيڙپڪاري کي عملي جامعو پارائڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر پاڪستان ان مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چي?? ته جڏهن چي?? ترقي ڪري ٿو ته سڀني کي فائدو ٿئي ٿو. چي??ي ماڊل بابت سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته هو اقتصادي ??داخلت تي يقين رکي ٿو، سڀ جي فتح تي يقين رکي ٿو، گڏيل هم آهنگي ۽ تعاون تي يقين رکي ٿو، اهڙي رويي سان تخليقي صلاحيتون سامهون اچن ٿيون، نئين حل تي ٻڌل حڪمت عملي بڻجي ٿي ۽ انساني سفر وڌيڪ اڳتي وڌي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته رابطي ۾ رهڻ ئي بنيادي اصول آهي، ماڻهو مختلف قسم جا جواب ٻڌڻ لاءِ تيار ??هن، انهن جي تلاش ۽ تحقيق ڪري ره??ا آهن، چي??ي موقف وڌيڪ قابل عمل، تعميري ۽ وڌيڪ شموليت رکندڙ هوندو. هن چي?? ته اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ ورڇ جي سلسلي ۾ هڪ مسئلو اهو آهي ته هڪ طرف ماڻهن ۽ قومن جي لاءِ ڪجهه اقتصادي ??ائدا آهن ۽ ٻئي طرف ماڻهن ۽ قومن جي لاءِ ڪجهه نقصان به آهن ته ان خال کي ڪيئن ڀري سگهجي ٿو؟ نيون ٽيڪنالاجيز يا ته سماجي نظام کي فعال بڻائي رهيون آهن يا ان ڀڃ ڊاهه جي حوصلا افزائي ڪري رهيُون آهي. هن چي?? ته ڊيجيٽل اسپيس ۽ اليڪٽرانڪ اسپيس کان شروع ٿي مصنوعي ذهانت طرف هڪ اهڙو سفر آهي جيڪو ايتري تيزي سان طئي ٿيو آهي جو ڏکڻ يا اتر جي ڪيترين ئي قيادتن جي لاءِ ان ۾ ٿيندڙ سمورين تبديلين جي سببن کي سمجهڻ تمام مشڪل آهي. هن چي?? ته ڇا اهي تبديليون وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون؟ ڇا اهي سڃاڻپ يا اميري ۽ غربت جي بنياد تي وڌيڪ تڪرارن کي جنم ڏينديون؟ ۽ ڇا اهڙي قسم جو احساس محرومي تڪرارن جو سبب بڻجي سگهي ٿو؟ اهي سمورا اهي چئلينجز آهن جن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ گڏيل بقاءَ جي لاءِ وڌيڪ بحث ۽ کليل دل ۽ ذهن سان ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته بحث ۽ مباحثن تائين پهچ کي وڌائڻ گهرجي، وڌ کان وڌ ماڻهن کي ان ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، عوامي سطح تي اهڙو مباحثو ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي ته جيئن ٻنهي طرفن جا ماڻهو اخلاقي دائري ۾ رهندي ??نهنجي چونڊ ڪري سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پهرين مرحلي ۾ صحيح بيانيو تخليق ڪرڻ جي ضرورت آهي، صحيح ۽ معياري معلومات فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن توهان ائين نه ٿا ڪريو، توهان ان بيانيي جي لاءِ مسخ ٿيل يا غلط معلومات تي دارومدار ڪريو ٿا ۽ حقيقت کان خالي بيانيو ٺاهيو ٿا ته اهڙي صورت ۾ ان بيان ڪيل هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوشش سدائين هڪ ناقابل حصول مقصد جي خاطر ٿي رهي هوندي ان لاءِ بهتر آهي ته اڳ ۾ مرحليوار ??ن جي مناسب طريقي سان منصوبابندي ڪئي وڃي، هڪ بيانيو آندو وڃي ته باعلم مباحثي ۽ معياري معلومات تي ٻڌل هجي، جڏهن ائين ٿي وڃي ته عملدرآمد جو حصو ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ آسان ٿي وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته بي آر آءِ جي پهرين مرحلي جي مقصدن کي حاصل ڪري ورتو آهي جيڪو سي پيڪ جو پهريون مرحلو آهي ۽ هاڻي اسان سڀ ان جي شروعاتي ثمرن مان فائدو کڻي ره??ا آهيون، اسان هاڻي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ره??ا آهيون، ٻئي مرحلي ۾ اسان کي وڌيڪ غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي، واپار ۽ صنعتڪاري جي موقعن جي لاءِ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهي وڏا يونٽ جن جي اسان اميد ڪري ره??ا آهيون ايندڙ ڏهاڪي جي هڪ وڏي ڪاميابي هوندا. هن چي?? ته ان کي عملي جامعو پارائڻ کان اڳ اسان کي چڱي طرح ڳالهه ٻولهه ۽ غور فڪر جي ضرورت آهي، اسان رابطن جا ڪيترائي ذريعا، رستا، فضائي رابطا ۽ ٻيا لنگهه ٺاه??ا آهن، اسان ان پوري ماحول سان هڪ ٻئي سان واپار ڪري فائدو کڻي ره??ا آهيون، ٻيون علائقائي طاقتون به هڪ ٻئي سان واپاري سرگرميون سرانجام ڏئي رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اسان چي??ي معيشت جي حوالي سان سدائين پراعتماد رهون ٿا، ان جو منطق اهو آهي ته ڏيڍ ارب صارفين ۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ڪري باقي دنيا چي?? سان واڳيل آهي، اهي شين جي پيداوار ۽ دنيا کي برآمد ڪري ره??ا آهن، ڏيڍ ارب جي آبادي جي ملڪ کي باقي دنيا جي آبادي سان ڳنڍجي رهڻو آهي، چي?? وٽ بهترين انساني وسيلا آهن، انهن جي معيشت هڪ خاص سطح تائين پهچي چڪي آهي، انهن وٽ صحيح مالياتي ذريعا ميسر آهن، هڪ تمام وڏي منڊيءَ جي ڪري دنيا چي?? ۾ دلچسپي رکي ٿي ۽ چي?? جي به دنيا ۾ دلچسپي آهي، ان جي ڪري معيشت ترقي ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته سياسي سرگرميون پاڪستان سميت مختلف سياسي نظامن جي آئيني گهرج آهي، پاڪستان ۾ اسان عام چونڊن طرف وڌي ره??ا آهيون، اسان عوام جي لاءِ پنهنجي پسند جي چونڊ جي ان مرحلي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا جيڪا پنهنجي چونڊ حڪومت ۽ قيادت جي چونڊ ان اميد سان ڪرڻ وڃي رهي آهي ته اقتصادي بحالي جو منصوبو انهن جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اقتصادي بحالي جو منصوبو پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ انهن جي اهم ترين ايجنڊا ۾ شامل هوندي.