اسلام آباد – 02 ??? ن??مبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊو?? 8 فيبروري تي ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان سڪندر سلطان راجا اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي چئن ميمبرن سان گ?? ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ايندڙ عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر اليڪشن ڪميشن پاران تڪبندين ۽ چونڊن جي حوالي سان ڪيل اڳڀرائي کي ٻڌو. تفصيلي بحث کانپوءِ اجلاس ۾ متفقه طور تي ملڪ ۾ عام چونڊو?? 8 فيبروري 2024ع تي ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.