لاهور – 31 – آڪ??وبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ رنگ روڊ جي تعمير هيٺ ڏاکڻي حصي (ايس ايل – 3) جو دورو ڪيو جتي کيس لاهور رنگ روڊ جي تعمير جي منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بريفنگ دوران نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رنگ روڊ جي 8 ڪلوميٽر ڊگه?? ڏاکڻي حصي (ايس ايل – 3) جي تعمير 30 جنوري 2024ع تائين مڪمل ٿي ويندي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ڏکڻ پنجاب مان ايندڙ ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ايندي. نگران وزيراعظم ??رقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي لاءِ پنجاب حڪومت جي ڪوششن کي سا??اهيو.