مظفر آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي ??زي??اعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت 27 آڪٽوبر تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي ??اٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، گڏيل قو??ون ۽ انساني حقن جُون ٻيُون عالمي تنظيمُون ڀارت کي ڪشميرين تي جاري ظلمن کان پري نه رکي سگهيُون، ڪشميري هر سال ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ٿا، ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگ??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي ??زي??اعظم چوڌري انوارالحق 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن ڀارت 1947ع تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي ??اٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نريندر مودي گڏيل قو??ن جي ڪشمير بابت قراردادن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن ۽ 5 اگسٽ 2019ع تي رياست ۾ سياسي نظام کي لپيٽيندي سياسي قائدين کي نظربند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميرين جي خودمختاري جو حق عالمي سطح تي مڃيل حق آهي جنهن جي ??اءِ ڪشميري عوام 7 ڏهاڪن کان مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ قربانيون ڏئي رهيا آهن. آزاد ڪشمير جي ??زي??اعظم چيو ته ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي ??نصفاڻي جدوجهد تي ڄميل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام ڪشميرين جي ??ويان بيٺل آهن. آزاد ڪشمير جي ??زي??اعظم چيو ته ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي.