نيويارڪ – 18 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) گڏيل قومن جي 78 هين جنرل اسيمبلي اجلاس جي مقررن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنرل ڊيبيٽ اڱاري ڏينهن 19 سيپٽمبر تي صبح 9 وڳي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي خ??اب سان شروع ٿي??دو. پرڏيهي آفيس موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 22 سيپٽمبر جمعي ڏينهن جنرل اسيمبلي کي خ??اب ڪ??دو. تفصيل موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو صدر ڊينس فرانسس جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪ??دو. پراڻي روايت موجب گڏيل قومن جي 78 هين جنرل اسيمبلي کي پ??ريون خ??اب برازيل جي نمائندي جو هوندو جڏهن ته گڏيل قومن جي ميزبان ملڪ طور ٻيو خ??اب آمريڪي نمائندي جو هو??دو.