اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسمگلنگ کي ر??ڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگر??ني جو نظام قائم ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت واپار واري وزارت پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪئي. نگران وزيراعظم کي ملڪي ر??انگي واپار وڌائڻ جي لاءِ مختلف تجويز ڪيل حڪمت عملين بابت آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ واپار واري وزارت پاران ملڪ ۾ اسمگلنگ کي ر??ڪڻ جي لاءِ امڪ??ني حڪمت عمليون پيش ڪيون ويون. واپاري سامان جي بهتر اسڪيننگ ۽ معائني جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. بريفنگ ۾ افغانستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ تحت ??ين??ڙ واپار جي مختلف رخن جو به جائزو ورتو ويو. ملڪ ۾ اسمگلنگ جي حوصلا شڪني ۽ قانوني رستن تان واپار جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم بحث هيٺ آيا. نگران وزيراعظم ملڪ ۾ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ڪسٽمز عملدارن کي غيرمنظم سرحدي رستن تي نگر??ني جو نظام قائم ??رڻ جي به هدايت ڪئي.