اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان قازقستان ٻطرف?? سياسي مشاورت جو ٻيو دور آستانه قازقستان ۾ ٿيو. (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) بابت ايڊيشنل سيڪريٽر?? سيد احسن رضا شاهه پاڪستاني وفد جي قي??دت ڪئي جڏهن ته قازقستان جي پرڏيهي معا??لن واري نائب وزير ڪنات تميش ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي ملڪ جي قي??دت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن مشاورت جي دوران سياسي ۽ سفارتي، واپاري، اقتصادي رابطن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڌرين علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معا??لن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن، سيڪا، او آءِ سي، ا?? سي او ۽ شنگهائي تع??ون تنظيم (ايس سي او) جي فريم ورڪ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تع??ون جو پڻ جائزو ورتو. ڌرين ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ۽ ايندڙ مهيني جي شروع ۾ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي آجيان ڪئي. پاڪستان قازقستان ٻطرف?? سياسي مشاورت ڌرين کي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده سطح جو ٺوس جائزووٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ٻنهي طرفن گڏيل دلچسپي جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.