اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته پا??ستان ۽ قطر واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني الوداعي ملاقات ??ئي. ملاقات دوران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ قطر جي سفير جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد جي تازي دوري کي پا??ستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ قطر جي دلچسپي جو اظهار قرار ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ غذائي تحفظ، توانائي، آءِ ٽي، کاڻ کوٽائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻئ?? ڀائر ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ۽ مستحڪم ڪندا. وزيراعظم قطر جي سفير کي سندس مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير مهمان نوازي ۽ گرم??وش?? تي پا??ستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا جنهن پا??ستان ۾ سندس مُدي کي حقيقت ۾ يادگار بڻائي ڇڏيو. قطر جي سفير 2020ع ۾ ڪورونا وبا دوران پا??ستان ۾ ذميواريون سنڀاليون هيون ۽ پنهنجون سفارتي ذميواريون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني پا??ستان مان روانو ٿي ويندو.