اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي س??ل 23 -2022ع دوران زرعي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي آ??ي، ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اضافي س??ن گڏ 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي آ??ي جيڪا گذريل مالي س??ل د??ران 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي هئي، مڪئي جي پيداوار ۾ 6.9، ڪمند 2.8 ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري اقتصادي س??وي ۾ ٻڌايو ته زراعت جي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي س??ل د??ران 4.27 سيڪڙو هئي، فصلن جي اوسر جي شرح مجموعي طور تي 2.49 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل مالي س??ل د??ران 8.19 سيڪڙو هئي. اهم ۽ وڏن فصلن جي اوسر جي شرح 3.20 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل سال 5.41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. جڏهن ته ٻين فصلن تي اوسر جي شرح 0.23 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي س??ل د??ران 11.93 سيڪڙو هئي. اقتصادي س??وي موجب ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اضافي س??ن 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل مالي س??ل د??ران ڪڻڪ جي پيداوار 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي، مڪئي جي پيداوار 6.9 سيڪڙو اضافي س??ن 10.183 ملين ٽن رڪارڊ ٿي جيڪا مالي س??ل د??ران 9.525 ميٽرڪ ٽن رڪارڊ ٿي، ڪپهه جي پيداوار 41 سيڪڙو گهٽتائي س??ن 4.91 ملين بيلز (ڳٺڙي) رڪارڊ ٿي. گذريل مالي س??ل د??ران چانورن جي پيداوار 9.323 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي. لائيو اسٽاڪ (چوپائي مال) جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو، ٻيلي کاتي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو. ٻيلي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 4.07 سيڪڙو اضافو ٿيو، ماهيگيري جي شعبي ۾ 1.44 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 0.35 جو اضافو ٿيو هو.