اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان، چين ۽ ايران جي دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي بابت پهريون ٽه ڌريو مشاورتي اجلاس گذريل ڏينهن بيجنگ ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي سطح تي منعقد ٿيو. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ٽه ڌريي مشاورتي اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ڪائونٽر ٽيررازم) عبدالحميد پاڪست??ني وفد جي قيادت ڪئي. وفدن علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي خطي کي درپيش دهشتگردي جي خطري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترجمان چيو ته مشاورت جي نتيجن جي بنياد تي ڌرين دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي بابت ٽه ڌريي مشاورت کي اداراجاتي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.