اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومي اقتصادي ڪائونسل پنهنجي ڊگهي اجلاس ۾ معاش?? خودانحصاري ۽ افرادي قوت جي ترقي جي قدمن جي ذريعي پائيدار معاشي ترقي ۽ ملڪ?? خوشحالي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا، انهن هدفن کي پور?? ڪرڻ جي لاءِ پيداوار ۽ ڪارڪردگي ۾ اضافي، جدت، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مستقبل جي ٽيڪنالاجي تي محنت ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان پنهنجون سموريون توانائيون سيڙپڪاري ۾ سهولت، روانگي واپار ۾ اضافي، معاشي ترقي ۽ غربت ۾ گهٽتائي تي استعمال ڪنداسين. قومي اقتصادي ڪائونسل معاشي ترقي جا هدف ۽ مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترقياتي بجيٽ ۽ ”پاڪستان اڪنامڪ آئوٽ – لُڪ 2035ع“ جي اصولي منظوري پ?? ڏني.