اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ بج??ٽ ۾ پي ايس ڊي پي ۾ نوجوانن جي ترقي جي لاءِ خصوصي طور تي رقم رکي وڃي، نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ باوقار روزگار جا موقعا فر??هم ڪرڻ جي لاءِ قدم شامل ڪيا وڃن، نوجوانن جي اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڪستان اينڊونمينٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم ??نهنجي صدارت ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام جي حوالي سان بجيٽ تجويزن تي منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڏنيون. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، عطاءُ الله تارڙ، جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته ايندڙ بج??ٽ ۾ پي ايس ڊي پي تحت نوجوانن جي ترقي جي لاءِ خصوصي طور تي رقم رکي وڃي. ايندڙ بج??ٽ ۾ نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ باوقار روزگار جا موقعا فر??هم ڪرڻ جي لاءِ قدم شامل ڪيا وڃن. نوجوانن جي اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڪستان انڊونمينٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. بج??ٽ ۾ باصلاحيت ۽ سٺي ڪارڪردگي رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي جي هنر سان ليس ڪرڻ جي لاءِ مفت ليپ ٽاپ جو پروگرام شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته انڊونمينٽ فنڊ سان نوجوانن کي اعليٰ ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ آءِ ٽي ۾ مهارت جي تربيت ڏني ويندي. وظيفن ۽ تعليم جي لاءِ شفافيت ۽ ميرٽ جي عنصر کي اهميت ڏني وڃي. بج??ٽ ۾ آءِ ٽي جي فروغ جي لاءِ منصوبا شامل ڪيا وڃن. آبادگار پئڪيج تحت شروع ڪيل منصوبا جاري رکيا وڃن. بج??ٽ ۾ قابل تجديد توانائي جا منصوبا شامل ڪيا وڃن. پن بجلي جي منصوبن ۽ توانائي جي شعبي جي جدت جي لاءِ بج??ٽ ۾ خصوصي رقم رکي وڃي. اهڙا منصوبا جيڪي سست رفتاري جو شڪار ٿي سالن کان پي ايس ڊي پي ۾ شامل آهن ۽ پنهنجي اهميت وڃائي چڪا آهن انهن کي ان جي دائره ڪار مان ڪڍيو وڃي. بج??ٽ ۾ ترقياتي منصوبن کي شامل ڪرڻ وقت صوبن، لاڳاپيل شعبن جي ڌرين ۽ اتحادي پارٽين کي مڪمل اعتماد ۾ وٺي انهن جي تجويزن کي شامل ڪيو وڃي. اجلاس کي پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ مالي سال جي لاءِ منصوبن جي حوالي سان تجويزن بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي بج??ٽ ۾ زرعي شعبي، قابل تجديد توانائي، نوجوانن جي لاءِ اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ روزگار جا منصوبا ترقياتي بجيٽ جو اهم حصو هوندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي شعبي جي ترقي ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پڻ منصوبا بجيٽ جو حصو هوندا. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل مالي سال ۾ وزيراعظم جي آبادگار پئڪيج ۽ بااختيار نوجوان پروگرام جا ثمر عوام تائين پهچايا وڃن. ان حوالي سان 60 هزار نوجوانن کي هن وقت مختلف سرڪاري ترقياتي منصوبن ۾ انٽرن شپ فر??هم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪڻڪ جي گذريل 10 سالن جي ڀ??ٽ ۾ رڪارڊ پيداوار حاصل ٿي. وزيراعظم بجيٽ 24 – 2023ع جي ترقياتي منصوبن ۾ ملڪي آمدني واپار جو متبادل فر??هم ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ ۽ مختلف شعبن جي جدت جي منصوبن کي ترجيح ڏيڻ جي واضح هدايت ڪئي.