اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) ٻن ڏينهن وارو فليگ شپ اسلام آباد سيڪي??رٽ?? ڊائيلاگ (اڄ) اربع ڏينهن پاڪ چين فر??نڊشپ سينٽر ۾ شروع ٿيندو جنهن ۾ ملڪ کي درپيش اهم چئلينجن ۽ موقعن تي بحث ٿيندي. ٽئين اسلام آباد سيڪي??رٽ?? ڊائيلاگ جو موضوع ”تڪرار ک??ن اڳتي؟ منسقم دنيا ۾ عالمي ايجنڊا جي نئين سر ترتيب“ آهي. اسلام آباد سيڪي??رٽ?? ڊائيلاگ مقامي ۽ علائقائي سطح تي ڪجهه اهم ترين مسئلن تي تنقيدي سوچ ۽ مضبوط فڪري گفتگو لاءِ هڪ پليٽ فارم طور اڀريو آ??ي. ??ائبرڊ ايونٽ جي ٽئين ايڊيشن ۾ عالمي مفڪرن ۽ اسڪالرز، تعليمي ماهرن، پاليسي ساز، مشهور عالمي ميڊيا پرسنز، وفاقي ڪابينا جا ميمبر، سفارتي ڪور، اڳوڻا سرڪاري آفيسر، قانوني ماهر، ٿنڪ ٽينڪس جا نمائندا ۽ سول سوسائٽي جا ميبمر شرڪت ڪندا. ان پروگرام ۾ 7 و??هڪون ٿينديون، جنهن ۾ ”ڪمانڊرز فورم: جنگ جي بدلجندڙ نوعيت“، غير يقيني جي دور ۾ تعاون سميت ٻين موضوعن تي غور ڪيو ويندو.