اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي انتظام هيٺ آئين جي گولڊن جوبلي جي منا??بت سان 10 ۽ 11 مئي تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻ وڃي رهيو آهي، عالمي ڪنوينشن ۾ معزز مهمانن جي شرڪت لاءِ آمد جو سلسلو جاري آهي، سعودي عرب، ايران، تاجڪستان، آذربائيجان، سريلنڪا، ڪينيا، بيلجيم، شام ۽ لبنان جي پارلياماني وفد اسلام آباد پهچي ويا. سعودي عرب جو پارلياماني وفد چيئرمين مجلس شوريٰ ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي سربراهي ۾ پاڪستان پهچي ويو. وفد جي ق??مي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني اسلام آباد ايئرپورٽ تي سعودي وفد جو استقبال ڪيو. ق??مي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سعودي وفد کي آئين جي گولڊن جوبلي جي منا??بت سان عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت تي سعودي وفد جو ٿورو مڃيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائ?? ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا انتهائي اهميت وارا آهن، ايران جو پارلياماني وفد ڊاڪٽر وحيد جلال زاده سربراهه ق??مي سلامتي۽ پرڏيهي پاليسي ڪميشن، ايراني پارليامينٽ جي سربراهي ۾ اسلام آباد پهتو. ق??مي اسيمبلي جي ميمبر سيد علي موسيٰ گيلاني ايران جي پارلياماني وفد جي آجيان ڪئي. ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا ڀائراڻا ۽ ڀائيچاري جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، علي موسيٰ گيلاني ايران جي پارلياماني وفد جو آئين جي گولڊن جوبلي ڪنويشن ۾ شرڪت تي وفد جي آجيان ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر عادل عابش جي سربراهي ۾ آذربائيجان جي پارلياماني وفد جو استقبال ق??مي اسيمبلي جي ميمبر رومينه خورشيد عالم ڪيو. لبنان جو پارلياماني وفد لبنان جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم هاشم جي سربراهي ۾ اسلام آباد پهتو. لبنان جي پارلياماني وفد جو استقبال ق??مي اسيمبلي جي ميمبر انجنيئر صابر حسين قائمخاني ۽ ق??مي اسيمبلي ميمبر محمد خان ڪيو آهي. تاجڪستان جي پارلياماني وفد کي ق??مي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر شازيه صوبيه، اسلم سومرو اسلام آباد ايئرپورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. شام جي پارلياماني وفد عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهتو، ق??مي اسيمبلي ميمبر محمد خان ڊاها اسلام آباد ايئرپورٽ تي وفد جي آجيان ڪئي. ڪينيا ۽ سريلنڪا جا پارلياماني وفد گولڊن جوبلي جي منا??بت سان منعقد عالمي ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهتا، ق??مي اسيمبلي جي اعليٰ عملدارن ڪينيا ۽ سريلنڪا جي پارلياماني وفدن جو اسلام آباد ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو.