لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ج?? ٽوئيٽ موجب ملاقات دولت مشترڪه جي نئين سربراهه ڪنگ چارلس ٽي جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ لنڊن ۾ منعقد دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي تقريب ج?? موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته پاڪس??ان سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن تنظيم کي ماحولياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي ڪردار کي وڌائڻ جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪس??ان ڏهين ڪامن ويلٿ وزارتي اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري ملتوي ڪيو ??يو هو، ٻوڏ سان پاڪس??ان جي معيشت ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو هو. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي پاڪس??ان جي باضابطا دوري جي پڻ دعوت ڏني. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جلد پاڪس??ان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.