اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چ??و آهي ته احتجاج پاڪستان جي هر شهري جو آئ??ني حق آهي پر ان کي سدائين قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه شرپسندن جهڙي طرح سرڪاري ملڪيتن خاص طور تي سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقص??ن پهچا??و آهي، اهو مذمت جوڳو آهي، ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي موجوده ملڪي صورتحال تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته آئون اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري س??ن پيدا ٿيندڙ ملڪ جي موجوده صورتحال تي شديد پريشان آهيان، انساني جانين جو زيان دل ڏکوئيندڙ، ڳڻتي جوڳو، افسوسناڪ ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتارين بدران ٻيهر سوچڻ گهرجي ۽ سياسي حل ڳولڻ گهرجي، مون سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪ??و آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته حالتون بهتر ٿينديون، آئون ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن رهڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو.