اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پا??ست??ن ۾ چين جي سفارتخاني ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ملڪن جي نوجوانن جي خلائي سائنس ۽ ٽيڪ??ال??جي جي شعبي ۾ افهام ۽ تفهيم کي وڌائڻ، ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ عملي ۽ دوستاڻي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ تا??يڪ??ناٽس آف شنزو 15 جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جاري ڪيل بيان مُوجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني شنگهائي تعاون تنظيم جي فرينڊشپ ۽ تعاون ڪميشن (جي اين ايف سي سي)، چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي، آل چائنا يوٿ فيڊريشن، چائنا سونگ چنگ لنگ فائونڊيشن ۽ ايس سي او يوٿ ڪميٽي جي سيڪريٽريٽ جي تقريب جي گڏيل ميزباني ڪئي. تقريب ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چنڪسو، پا??ست??ن سائنس فائونڊيشن جي چيئرمين شاهد محمود بيگ، انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ ڊپلوميٽڪ اسٽڊيز جي باني آصف فرحت، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪ??ال??جي اسلام آباد جي ميمبرن ۽ مختلف اسڪولن جي پا??ست??ني شاگردن شرڪت ڪئي. اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي عليزه جميل چيني خلاباز کان خلا ۾ ساهه کڻڻ جو طريقو پڇيو ته خلاباز ان جو جامع طريقي سان جواب ڏنو. تا??يڪ??ناٽس آف شنزو 15 يونٽ نوجوانن جي افق کي وسيع ڪرڻ ۽ پراسرار ۽ متنوع ڪائنات جي ڳولا بابت انهن جي خوابن کي روشن ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. نوجوان پاڪ چين دوستي جا نوجوان سفير ۽ ٻنهي ملڪن جي اميد آهن، اهو رشتو نسل درنسل م??تق?? ٿيڻ گهرجي. هلندڙ سال بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو پراجيڪٽ ۽ سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه آهي ۽ سائنس ۽ ٽيڪ??ال??جي ۾ تعاون ان جو هڪ اهم حصو آهي ۽ يقينن سي پيڪ جي اعليٰ معيار ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ مضبوط تعاون فراهم ڪندو. چين ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪ??ال??جي جي شعبي ۾ تعاون ڪيتريون ئي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جن ۾ پا??ست??ن دوائن جي ٻجن جو چيني خلائي اسٽيشن تان تجربن کانپوءِ واپسي پڻ شامل آهي. چين جي ترقي ۽ چيني جديديت پا??ست??ن ۽ دنيا جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪندي.