اسلام آباد – 12?? اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي مت??رڪ ميمبر جي حيثيت سان عالمي فورمز تي ڪم جاري رکندو. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جو هڪ مت??رڪ ميمبر ملڪ آهي، ملڪ ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران گڏيل قومن پاران مدد ساراهه جوڳي آهي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون س??يت انساني امداد تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪردار کي ساراهيو.