اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر شعبي ۾ عورتن جي شم??لي?? لاءِ ترجيحي بنيادن ت?? ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان جو آئي?? سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي، پارليامينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ عورت پارليامينٽرينز جي 18 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم پارليامينٽ ۾ عورت پارليامينٽرينز جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتون پاڪستان جي آبادي جو 51 سيڪڙو آهن، ??انونسازي ۾ عورتن جي شم??لي?? انتهائي اهميت رکندڙ آهي. حڪومت هر شعبي ۾ عورتن جي شم??لي?? لاءِ ترجيحي بنيادن ت?? ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئي?? سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي. پارليامينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا جن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان قانونسازي پڻ شامل هئي.