اسلام ??باد – 20 – م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فوج ۽ ان جي سربراهه جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف جي خلاف مهم ناقابل برداشت ۽ ادارن جي خلاف سازش جو تسلسل آهي، ٻاهرئين ملڪ محب وطن ??اڪ??تاني فارن فنڊ م??م جي خلاف آواز اٿارين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ ??اڪ??تانين جي ذريعي زهريلي سياست کي ڦهلايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ ??اڪ??تاني ان سازش جو حصو نه بڻجن، عمران خان ادارن ۽ ان جي سربراهن کي پنهنجي گندي سياست ۾ گهلي آئين شڪني ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گهرو وزير ملڪ جي اندر ادارن جي خلاف غليظ مهم هلائيندڙن کي سختي سان منهن ڏي. ??اڪ??تان ۾ افراتفري، فساد ۽ بغاوت کي هوا ڏيندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ميرٽ تي مقرر ٿيندڙ آرمي چيف جي خلاف مهم ملڪ دشمنن جي ايجنڊا ئي ٿي سگهي ٿي، قوم پنهنجي ادارن سان گڏ آهي، شرپسندن جي خلاف متحد آهي.