ملتان – 24 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چي?? آهي ته معاشري مان عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، پاڪستان ۾ اسلامي تعليم موجب عورتن کي ان جي جائيداد جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، سڄي ملڪ ۾ عورتن کي انهن جي جائيداد جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن ۽ عورتن تي تشدد جي خاتمي بابت مرڪزن بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪئي ??ڃي ته جيئن تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي مشڪلاتن مان نه گذرڻو پوي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوشل ويلفيئر ڪمپليڪس ملتان ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي واري مرڪز جي دوري دوران ڪيو. عملدارن کيس مرڪ?? ۾ ??يند?? سهولتن ۽ مختلف شعبن جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي خاتون اول چي?? ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ عورتن جي ڪردار کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اسلام مرد ۽ عورت جي حقن ۽ فرضن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. هڪ مثالي اسلامي معاشري ۾ جيڪي عورتن کي حق حاصل هوندا آهن اهي ڪنهن ٻئي ??عاشري ۾ حاصل نه آهن، پاڪستان ۾ عورتن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ اڳتي وڌڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي پر انهن ڪوششن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻو پوندو. بيگم ثمينه علوي چي?? ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جا قانون موجود آهن پر انهن تي مڪمل طور تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. ملتان ۾ قائم عورتن تي تشدد جي خاتمي واري مرڪز جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چي?? ته هي مرڪز ون ونڊو ??پريشن جون خدمتون فراهم ڪري ٿو ۽ هتي تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. هن چي?? ته عورتن تي تشدد جي خاتمي واري مرڪز ملتان جي ڪم کي ساراهيندي مرڪز بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ثمينه عارف علوي چي?? ته ان حوالي سان اسڪولن، مارڪيٽن، اسپتالن، ريلوي اسٽيشنز، ايئرپورٽس، پوليس ٿاڻن ۽ عدالتن سميت ٻين اهم جاين تي آگاهي پمفليٽ لڳايا وڃن. عورتن تي تشدد جي خاتمي وارو مرڪز ون ونڊو ??پريشن جي حيثيت رکي ٿو، جتي عورتن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. تشدد جي خاتمي واري مرڪز جو مقصد تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي مشڪلاتن کان بچائڻ ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. متاثر عورتون ٽول فري نمبر 1043 تي رابطو ڪري عورتن تي تشدد جي خاتمي واري مرڪز کي پنهنجي شڪايتن کان آگاهه ڪري سگهن ٿيون، جنهن کانپوءِ مرڪز پاران انهن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي ??يندي آهي. متاثر عورتن جي گهر وڃي مدد فراهم ڪئي ??ڃي ٿي، جيڪڏهن متاثر عورت کي سينٽر تي آڻڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته انهن کي اتي آندو ويندو آهي جتي عورت پوليس اهلڪار انهن جون ايف آءِ آر داخل ڪنديون آهن. عورتن کي مدد ۽ مشورا فراهم ڪيا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن تشدد ٿيو هجي ته طبي سهولتون به ڏنيون وڃن ٿيون. ان کانسواءِ مرڪز ۾ شيلٽر هوم ۽ پراسيڪيوشن جي سهولت به موجود آهي.