ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ ان سلسلي ۾ چونڊن جي ذريعي سياسي نظام تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??اڪستان کي دنيا سان هم آهنگ رهڻ ۽ صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اوورسيز ??نو??سٽر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته ??سيع سياسي اونرشپ مثبت تبديلي جي لاءِ ??هم آهي ۽ اهو رڳو چونڊن ذريعي ئي ممڪن آهي. پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي صلاحيت تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ??و پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي جي ترقي جو سڀ کان وڏو حامي رهيو آهي، آءِ ٽي جو شعبو قومي نه پر عالمي بنيادي ڍانچي تي ??ڌل آهي ۽ ان جي لاءِ ??فرادي قوت جي ضرورت آهي، هي اها شيءَ آهي جنهن سان پاڪستان موجوده مشڪل وقت ۾ به فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر چيو ته ??لڪ کي درپيش ڏکئي مسئلن جي آسان حل جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ان م??قع?? تي ??فد صدر کي تازو ئي ڪيل ڪاروباري اعتماد سان لاڳاپيل سروي بابت آگاهه ڪيو. وفد پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن جي حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون. ان م??قع?? تي ??ريزنٽيشن ۾ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري، اي گورننس، ويب 3.0 ٽيڪنالاجيز جي انٽيگريشن ۽ امڪاني پاليسي آپشنز جي طور تي ڊيجيٽل ريگيوليشنز تي روشني وڌي وئي.