پشاور – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايپڪس ڪميٽي قوم کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستانين جو رت وهائيندڙ دهشتگردن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين، هر قيمت تي قوم جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائيندي ان جي اميدن ۽ اعتماد تي پورو لهنداسين، خيبرپختونخواهه ۾ فوري طور تي سي ٽي ڊي ه??ڊڪوارٽر تعمير ۽ پنجاب صوبي جي طرز تي جديد فارنزڪ ليبارٽري قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ سيف سٽي منصوبو شروع ڪيو ويندو. اج??اس دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هڪ سوچ، هڪ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ ملڪ جي اندر دهشتگردن جي معاونت ڪندڙ سمورا ذريعا ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ايپڪس ڪميٽي جو اهم اج??اس گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اج??اس دهشتگردي جي واقعن خاص طور تي 30 جنوري 2023ع تي پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي ۽ ان کانپوءِ جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو. حساس ادارن جي نمائندن سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال، دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين تي اج??اس کي بريفنگ ڏني جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي انسپيڪٽر جنرل معظم جاهه انصاري پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي ه??ستائين جي جاچ ۽ ٿيندڙ اڳڀرائي کان اج??اس کي آگاهه ڪيو. هن اج??اس کي ٻڌايو ته حملي آور جي اچڻ جي طريقيڪار ۽ جنهن رستي تان هو آيو، وڊيوز جي ذريعي ان جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. اج??اس ۾ پشاور پوليس لائينز جي شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي وئي. اج??اس متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي يقين ڏياريو ته انهن جي پيارن جو خون رائيگان نه ويندو، حڪومت ۽ قوم شهيدن جي پونئيرن سان گڏ آهي. اج??اس قوم کي يقين ڏياريو ته پاڪستانين جو رت وهائيندڙ دهشتگردن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين، معصوم پاڪستانين تي حملو ڪندڙن کي هر صورت ۾ سزا ڏني ويندي. اج??اس پڪي عزم جو اظهار ڪيو ته هر قيمت تي قوم جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، انهن جي اميدن ۽ اعتماد تي پورو لٿو ويندو. اج??اس دهشتگردي جي خلاف بي مثال شجاعت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪ فوج، رينجرز، ايف سي، سي ٽي ڊي، پوليس سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سلام پيش ڪيو ۽ ان دوران شهادت ماڻيندڙ آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان عزم کي ورجايو ويو ته شهيدن جون قربانيون ۽ دهشتگردي جي خلاف هيستائين حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو. اج??اس سمورن طبقن خاص طور تي ميڊيا کي اپيل ڪئي ته دهشتگردي جي واقعن بابت جهڙي طرح اڳ ۾ قومي ذميواري جو رويو اختيار ڪيو انهي ذميواري سان بي بنياد قياس آرائيون خاص طور تي سوشل ميڊيا تي ڦهلائڻ جو حصو نه بڻجن. اهو طرزعمل قومي سلامتي جي گهرجن، قومي يڪجهتي، اتحاد جي لاءِ نقصانڪار آهي. اج??اس نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ۽ درپيش موجوده حالتن موجب ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي حوالي سان تجويزن جو جائزو ورتو. اج??اس نيڪٽا، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن، تربيت، هٿيارن، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين ضروري ساز ۽ سامان جي فراهمي جي حوالي سان تجويزن جي اصولي منظوري ڏني. فيصلو ڪيو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ فوري طور تي سي ٽي ڊي ه??ڊڪوارٽر تعمير ۽ پنجاب صوبي جي طرز تي خيبرپختونخواهه صوبي ۾ جديد فارنزڪ ليبارٽري قائم ڪئي وڃي. خيبرپختونخواهه ۾ اسلام آباد ۽ لاهور وانگر سيف سٽي منصوبو شروع ٿيندو جڏهن ته پوليس، سي ٽي ڊي جي تربيت، صلاحيت ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ جديد اوزار فراهم ڪيا ويندا. اج??اس ۾ بارڊر مئنيجمينٽ ڪنٽرول ۽ اميگريشن جي نظام جي حوالي سان جائزو ورتو ويو، دهشتگردن جي خلاف جاچ، پراسيڪيوشن ۽ سزا ڏيارڻ جي مرحلن تي پڻ غور ڪيو ويو. ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رياست جي سڀني ڌرين کي هڪ جهڙائي، حصيداري عمل ۽ گڏيل قومي هدف حاصل ڪرڻ جي جذبي سان ڪم ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ گهربل قانونسازي ڪئي ويندي. اج??اس دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هڪ سوچ، هڪ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اصولي اتفاق ڪيو ۽ ان ڏس ۾ موثر حڪمت عملي جي تياري جي هدايت ڪئي. اج??اس ملڪ جي اندر دهشتگردن جي معاونت ڪندڙ سمورا ذريعا ختم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ۽ ان ڏس ۾ اسڪريننگ جي موثر ڪارروائي جي هدايت ڪئي. اج??اس اهو به طئي ڪيو ته دهشتگردي جي هر قسم ۽ هر شڪل جي لاءِ زيرو ٽالرنس جو رويو قومي نصب العين هوندو. قومي اتفاق راءِ سان انهن فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. اج??اس وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اي پي سي گهرائڻ جي فيصلي کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سموري قومي سياسي قيادت هڪ ميز تي ويهندي ۽ قومي اتفاق رءِ جي ذريعي قدمن جو فيصلو ڪندي. اج??اس عالم سڳورن ۽ ديني ۽ مذهبي اڳواڻن کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ممبر ۽ محراب جو فورم استعمال ڪن. پيغام پاڪستان ۽ دين ۾ رهنمائي ڪندڙ ٻين معتبر ادارن جي واضح اعلانن سان عوام کي آگاهه ڪن ته اهڙا حملي قطعي طور حرام ۽ قرآن ۽ سنت جي خلاف آهن، بيگناهن جو رت وهائيندڙن جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي. اج??اس ۾ وفاقي وزيرن سينيٽر اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله خان، سينيٽر اعظم نذير تارڙ، مولانا اسعد محمود، امين الحق، مفتي عبدالشڪور، مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان، پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس، سياسي پارٽين جي اڳواڻن، علائقي جي نمائندن، ديني اڳواڻن، حساس ادارن جي نمائندن، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، حساس سول ۽ عسڪري ادارن جا سربراهه، گهرو وزارت جو وفاقي سيڪريٽري، سمورا چ??ف سيڪريٽريز، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد سميت سمورن صوبن جا آءِ جي پوليس ۽ نيڪٽا جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر پڻ اج??اس ۾ موجود هئا.